بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيھي وزير وانگ اي چيو آھي ته عالمي برادري کي وچ اوڀر ۾ ڊگھي ۽ وڌيل تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي. پھرين ترجيح غزه ۾ فوري طور تي ھڪ جامع ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ، ٻيو سمورن قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ ٽيون غزه تائين بنا رڪا??ٽ انساني پھچ کي يقيني بڻائڻ آھي. ملڪ يا قوم جي ھڪ نظر سان سموريون جانيون قيمتي آھن ۽ غزه ۾ انساني تباھي جاري نه رھڻ گھرج??. س??مر ڏينھن پرڏيھي ميڊيا موجب وانگ اي نئين اسرائيلي پرڏيھي وزير اسرائيل ڪاٽز سان ٽيليفون تي ڳالھ?? ٻولھه ڪئي. وانگ اي چيو ته غزه جو تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ظاھر ڪري ٿو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلي جو مرڪز بڻيل آھي. عالمي برادري جو آواز واضح آھي، مطلب ھو جلد کان جلد ”ٻه رياستي حل“ جي رستي تان واپس اچڻ جي اميد رکي ٿي. اھو ا??رائيل سميت سمورين ڌرين لاءِ استحڪام ۽ ديرپا سلامتي حاصل ڪرڻ جو صحيح رستو آھي. وانگ اي چيو ته چين کي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار تي سخت ڳڻتي آھي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته سموريون ڌريون احتياط کان ڪم وٺن.
چين پاران اسرئيل-ايران جاري تڪرار تي سخت ڳڻتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena