بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير ??ان?? يي چيو آهي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين ج?? اهم ڀائيوار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير ??ان?? يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱا??ي ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. ??ان??يي ان ??الهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولين ترجيح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي سختي سان عمل ڪرڻ، فوري طور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ آهي. فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسرائيل مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريق?? اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪيو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قومي حقن کي بحال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے